جهتيال محمد مٺل

جهتيال محمد مٺل

جهتيال محمد مٺل

جهتيال، محمد مٺل: سنڌ جو مشهور سگهڙ محمد مٺل ولد علي نواز جهتيال 07 جنوري 1959ع تي ڳوٺ گاجي جهتيال، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم مئٽرڪ آهي، 22 سالن جي عمر ۾ ناليواري سگهڙ استاد محمد ملوڪ عباسيءَ جي صحبت ۾ سگهڙائپ جي ميدان ۾ پير رکيائين. پنهنجي استاد محمد ملوڪ عباسيءَ سان گڏجي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان سواءِ، پنجاب، بلوچستان ۽ پختونخوا ۾ وڃي محفلون ڪيائين. اهڙيءَ ريت پنهنجي استاد سان چاليهه سال گڏ ڪچهريون مچائيندو رهيو. محمد مٺل ڪجهه عرصو روزاني ’پڪار‘ اخبار جو نمائندو به رهيو. هيءُ ڪجهه عرصي لاءِ سگهڙن جي تنظيم ’سنڌ سگهڙ سنگت‘ جو جنرل سيڪريٽري به رهيو.
هن 2004ع ۾ حاجي رحيم بخش قريشي ۽ عاجز لاشاريءَ سان گڏجي سگهڙن جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ هڪ تنظيم’سگهڙ لوڪ ادب تنظيم‘ (سلات) جو بنياد وڌو، جنهن جو مرڪزي صدر پاڻ آهي. هن تنظيم معرفت سگهڙن جي ڪچهرين ڪرائڻ کان وٺي سگهڙن کي حق وٺرائي ڏيڻ ۽ سگهڙن جي ڊائريڪٽري ڇپائڻ جا ڪم ڪيا اٿس.
سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ’مٺل ماڳ وسن‘ 2000ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي. ان کان سواءِ هن ’سنڌ سڄاڻ سگهڙ ڊائريڪٽري‘ به ترتيب ڏني، جيڪا سگهڙن جي تنظيم پاران ڇپجي چڪي آهي.
کيس سگهڙپائيءَ جي ميدان ۾ ڪيترا اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن، جن ۾: شهباز اوارڊ، جلال کٽي اوارڊ، سنڌي ادبي سنگت اوارڊ، سگا اوارڊ، استاد ملوڪ عباسي اوارڊ وغيره قابل ذڪر آهن. هن وقت ڏوڪريءَ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.01.07  عيسوي

نڌ جو مشهور سگهڙ محمد مٺل ولد علي نواز جهتيال 07 جنوري 1959ع تي ڳوٺ گاجي جهتيال، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.



سُگھڙ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ديدار علي سيال
پير بخش2
خير محمد خاصخيلي
حاجي مينهون خان لغاري 1
پير بخش1
ڏيرو محمد موسيٰ
تاج محمد هاليپوٽو
محمد عمر چنو
غلام قادر ڀٽو
پلي صابر
سُگھڙ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون